تفسير بسم الله

تفسير بسم الله: هيءَ تفسير قلمي صورت ۾ برٽش لنڊن ميوزيم (انڊيا آفيس) ۾ موجود آهي. سمورو تفسير ڊيمي سائيز جي 22 صفحن تي مشتمل آهي. هن تفسير جي نشاندهي سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شيڪل انڊيا آفيس لائبرري ۾ موجود ”سنڌي ۽ پنجابي قلمي نسخن جي ڪئٽلاگ“ ۾ ڪئي آهي ته ڪنهن نامعلوم شاعر بسم الله جي متعلق هي نظم چيو آهي. جنهن جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن مخطوطي جو مصنف مخدوم خليفو محمد ٺٽوي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو